Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 64:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بيشڪ تو اهڙا تہ خوفناڪ ڪم ڪيا آهن، جيڪي اسان جي وهم وَ گمان ۾ بہ نہ هئا. تنهنجي هيٺ لهي اچڻ سان تہ جبل بہ ڏڪيو ٿي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جڏهن تو اهڙا خوفناڪ ڪم ڪيا جن جي اسان کي اميد ڪانہ هئي، يعني تون هيٺ لهي آئين تڏهن تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 64:3
16 Iomraidhean Croise  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


اچو، اچي ڏسو تہ خدا ڇا ڇا ڪيو آهي. هو بني آدم جي وچ ۾ هيبتناڪ ڪم ٿو ڪري.


تڏهن ڌرتي ڌُڏي ويئي هئي ۽ تو آڏو آسمان وٺا هئا، هائو، تنهنجي سينا جبل تي ظاهر ٿيڻ سان، تو بني اسرائيل جي خدا جي آڏو.


هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ پوري قوم سان هڪ عهد ٻڌندس ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم جي اڳيان اهڙا معجزا ڏيکاريندس، جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪڏهن ڪونہ ڪيا ويا آهن. اوهان جي واسطي جيڪي هيبتناڪ ڪم آءٌ خداوند ڪندس، سي اهي سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون جن ۾ اوهين رهو ٿا.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


ڪاش! تون آسمان کي ڦاڙي هيٺ لهي اچين، تہ تو کي ڏسي جبل بہ خوف وچان ڪنبي وڃن.


خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.


هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.


اهو ئي اوهان جي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهو ئي اوهان جو خدا آهي، جنهن اوهان جي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan