Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 61:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهي قديم ڊٺل جاين کي وري اڏيندا. هائو، اهي انهن اجڙيل شهرن جي مرمت ڪندا، جيڪي پيڙهين کان اجاڙيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ اهي قديم ويران جايون اڏيندا، ۽ اڳوڻيون سڃيون جايون کڙيون ڪندا، ۽ اهي ويران شهرن ۾ گهڻين پيڙهين جي سڃين جاين جي مرمت ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 61:4
11 Iomraidhean Croise  

جيتوڻيڪ اسين غلام آهيون، تہ بہ تو اسان کي وساريو ناهي، بلڪ تو فارس جي بادشاهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم وڌو آهي، تہ جيئن اسين وري بحال ٿي تنهنجي گھر جي تعمير ڪريون ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪريون. اهڙيءَ طرح تو اسان کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ پناهہ عطا ڪئي آهي.


اچو، اوهين اچي ڏسو تہ خداوند ڇا ڇا ڪيو آهي. ڌرتيءَ تي هُن ڪهڙا ڪهڙا نہ عجائبات ڏيکاريا آهن.


تون وک کڻي پنهنجي ڊٺل هيڪل ڏانهن ڏس، دشمنن ڪيڏي نہ تباهي ڪري انهيءَ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي.


اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.


اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“


اي يروشلم جا رهاڪؤ! شهر جي ڀتين جي نئين سر تعمير جو وقت اچي رهيو آهي. انهيءَ وقت اوهان جي علائقي جون حدون وڌايون وينديون.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan