يسعياہ 61:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان. Faic an caibideilSindhi Bible1 خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان. Faic an caibideil |