يسعياہ 6:8 - Muslim Sindhi Bible8 پوءِ مون پروردگار جو آواز ٻڌو، جنهن فرمايو تہ ”هتي ڪير آهي، جنهن کي آءٌ موڪليان؟ ڇا ڪو اسان جي لاءِ ويندو؟“ تڏهن مون چيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان. مون کي موڪليو.“ Faic an caibideilSindhi Bible8 ۽ مون خداوند جو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ آءٌ ڪنهن کي موڪليان ۽ ڪير اسان جي لاءِ ويندو! تڏهن مون چئُہ تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ مون کي موڪل. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘