Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن انهيءَ شعليدار مخلوق مان هڪڙو اڏاميو ۽ چمٽي سان قربان‌گاهہ تان هڪڙو ٽانڊو کڻي مون وٽ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تڏهن سرافيم مان هڪڙو اُڏامي مون وٽ آيو ۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ٽانڊو هو، جو هن چمٽي سان قربانگاهہ تان کنيو هو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 6:6
14 Iomraidhean Croise  

تون ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا نج سون مان ٺهرائج.


هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


تڏهن خداوند عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي فرمايو تہ ”تون پردار آسماني مخلوق جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان اندر گھڙي وڃ ۽ پردار آسماني مخلوق جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن مان ٻئي مٺيون ڀري کڻي اچ ۽ اهي يروشلم شهر جي مٿان هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏ.“ تڏهن اهو ماڻهو منهنجي ڏسندي اندر گھڙي ويو.


تڏهن هو هڪڙو لوبان‌دان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ملائڪن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ملائڪن کي هوائون، بلڪ پنهنجي انهن خادمن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“


اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربان‌گاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan