Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 59:5 - Muslim Sindhi Bible

5-6 اوهان جا منصوبا ڪوريئڙي جي انهيءَ ڄار مثل آهن، جنهن کي اوهين اُڻو ٿا پر انهيءَ مان ڪپڙو نہ ٿو ٺهي سگھي. هائو، اوهين پنهنجي اعمالن سان پاڻ کي ڍڪي نہ سگھندا. بلڪ اوهان جا منصوبا نانگ جي بيضن جيان آهن، جن کي ڦوڙڻ لاءِ اوهين مٿن آرو ٿا ڪريو. انهن بيضن مان جيڪو بہ کائي ٿو سو مريو ٿو پوي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪو ٽوڙيو ٿو وڃي، تہ منجھانئس ڪاريهر نانگ ٿو نڪري. بيشڪ اوهان جا اعمال بدڪاريءَ وارا آهن، ۽ اوهان جا هٿ ظلم جي ڪم ۾ رڌل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 اهي نانگ جي بيدن تي آرو ڪن ٿا، ۽ ڪوريئڙي جو ڄارو ٿا اُڻين: جيڪو انهن جي بيدن مان کائي ٿو سو مري ٿو، جيڪو چپجي ٿو تنهن مان نانگ ٿو نڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 59:5
6 Iomraidhean Croise  

انهن جو آسرو ٽوڙيو ويندو، ڇو تہ سندن ڀروسو ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي.


پر پوءِ اهو نانگ وانگر ڏنگي ٿو رکي. هائو، ڪاريهر نانگ جي زهر وانگر سڄي جسم ۾ پکڙجي وڃي ٿو.


”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


اتي چٻرا پنهنجا آکيرا ٺاهيندا، اهي آنا لاهيندا ۽ آرو ڪري ٻچا ڦوڙيندا، ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندا. ڳجھون جوڙو جوڙو ٿي اتي اچي گڏ ٿينديون.


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan