يسعياہ 59:3 - Muslim Sindhi Bible3 اوهان جا هٿ خون سان ڀريل آهن، ۽ اوهان جا پير بدڪاريءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن. اوهان جا چپ ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ اوهان جون زبانون بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون ڪن. Faic an caibideilSindhi Bible3 ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن. Faic an caibideil |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.