Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 59:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 پر اوهانجين بدڪارين اوهان ۽ اوهان جي خدا جي وچ ۾ جدائي ڪئي آهي، ۽ اوهان جي گناهن هن جو منهن اوهان کان لڪايو جنهن ڪري هو نٿو ٻڌي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 59:2
14 Iomraidhean Croise  

خداوند بدڪارن کان منهن موڙيو ڇڏي، مگر هو سچارن جون دعائون ٻڌي ٿو.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


ڏسو، اوهين جھيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ دنگي ۽ فساد کان باز نہ ٿا اچو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ اهڙي قسم جو روزو رکي اوهين پنهنجيون دعائون مون تائين پهچائي سگھو ٿا؟


اوهان جي بدڪاريءَ اهي شيون اوهان کان روڪي رکيون آهن، هائو، اوهان جي گناهن اوهان کي انهن چڱين شين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.‘


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.


بني اسرائيل گناهہ ڪيو آهي. جنهن عهد تي قائم رهڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو سو هنن ٽوڙي مخصوص شين مان ڪجھہ شيون کنيون آهن، يعني هنن چوري ڪئي آهي. انهن اهي شيون کڻي پنهنجي سامان سان گڏايون آهن ۽ انهيءَ ڳالهہ تي پردو بہ وڌو اٿن.


جڏهن بني اسرائيل جا باقي ماڻهو لشڪر‌گاهہ ۾ موٽي آيا تڏهن انهن جي اڳواڻن چيو تہ ”خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان ڇو شڪست ڏياري؟ اچو تہ خداوند جي عهد واري صندوق سيلا شهر مان هتي پاڻ وٽ کڻي اچون، انهيءَ لاءِ تہ اها اسان وٽ هجي تہ جيئن اسين پنهنجن دشمنن کان بچايا وڃون.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan