Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 59:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 59:11
19 Iomraidhean Croise  

مون کي ستائيندڙ، جيڪي تنهنجي شريعت کان بہ پري آهن، سي بدخواهيءَ وچان منهنجي ويجھو پوندا ٿا وڃن.


بيشڪ بدڪار ماڻهن کي نہ بچايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي قاعدن قانونن جي طلب ئي نہ ٿا ڪن.


آءٌ تمام نستو ۽ بلڪل ئي چيڀاٽيل آهيان. آءٌ پنهنجي دل جي بي‌چينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.


تون مون ڏانهن ڌيان ڏي ۽ منهنجي مدد ڪر. آءٌ غم سهندي سهندي بيقرار ٿي ڪنجھان پيو.


يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تان‌تہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي.


آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.


سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾، ائين بي‌هوش پيا آهن، جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي. اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.


سو انصاف اسان کان پري هليو ويو آهي، ۽ اسان جو بچاءُ اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿو اچي. انهيءَ سبب جو سچائي ۽ ايمانداري اسان ۾ رهي ئي ڪانهي. اهي ڄڻ ڪنهن چونڪ تي ٿاٻو کائي ڪري پيون آهن.


اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي بہ سلامتي حاصل نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي هلت چلت ۾ انصاف تہ آهي ئي ڪونہ. هائو، اوهان پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن، سو جيڪو بہ انهن واٽن تي هلي ٿو، تنهن لاءِ سلامتي بلڪل ناهي.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”هاڻي اسان ڄاتو تہ اسان جي پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ اسان جن پنهنجن گناهن جي ڪري خدا اسان کي ظالمن هٿان نہ ٿو بچائي. اسين سوجھري لاءِ نهاريون پيا، پر ڇا ڏسون؟ رڳو اونداهي ئي اونداهي آهي. هائو، اسين روشنائيءَ لاءِ واجھايون پيا، پر گھُگھُہ اونداهي ئي اسان جو مقدر آهي.


اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي،


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


هاڻ مون کي امن وَ سلامتي جي ڪا اميد نہ رهي آهي، ۽ مون کان وسري ويو آهي تہ خوشحالي ڇا ٿيندي آهي.


تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.


هو مون کي دل سان نہ ٿا پڪارين، بلڪ بتن آڏو بہ روئن رڙن ٿا، اناج ۽ مئي جي لاءِ بتن کان دعا گھرندي هو پنهنجي بدن کي زخم بہ رسائين ٿا. هائو، اهي مون کان صفا باغي ٿي ويا آهن.


اتي جي راڻيءَ کي بي‌حرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو. راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون، ۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.


نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan