يسعياہ 59:1 - Muslim Sindhi Bible1 ائين نہ سمجھو تہ خداوند ايترو ڪمزور آهي، جو اوهان کي بچائي نہ ٿو سگھي، يا هو ڪو ٻوڙو آهي جو اوهان جو فرياد ٻڌي نہ ٿو سگھي. Faic an caibideilSindhi Bible1 ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي: Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.
جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.