Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 57:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تون تيل مکي بادشاهہ وٽ وئينءَ، ۽ تو وڌيڪ سرهاڻيون مکي پنهنجي ايلچي پري پري موڪليا، ۽ پاڻ کي بي عزت ڪري پاتال تائين پهچايئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 57:9
12 Iomraidhean Croise  

مون پنهنجي بستري کي مُر، عود ۽ دالچينيءَ جي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي.


هائو، پنهنجن ئي هٿن جي ڪاريگريءَ آڏو اهي ڪنڌ جھڪائين ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي ذليل وَ خوار ٿا ڪن. سو اي خداوند! تون کين هرگز معاف نہ ڪج.


سڀيئي ڪڃريون ماڻهن کان اجرت وٺن ٿيون، پر تون پنهنجي سڀني يارن کي بخششون ۽ رشوتون ڏيئي لالچائين ٿي تہ جيئن اهي هر طرف کان تو وٽ اچي تو سان زنا ڪن.


هوءَ انهن کي ڏسڻ سان مٿن موهت ٿي پيئي ۽ بابل ۾ هنن ڏانهن قاصد موڪليائين.


تنهن کان سواءِ هنن قاصد موڪلي پري کان ماڻهن کي سڏايو تان‌تہ هو اچي ساڻن زناڪاري ڪن. هائو ڏس، اهي اچي پهتا. تڏهن انهن ٻنهي ڀينرن غسل ڪيو، اکين ۾ ڪجل وڌو ۽ پاڻ کي زيورن سان سينگاريائون.


سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


اسرائيل وارا بي‌عقل ۽ بي‌سمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.


ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ ملائڪن جي پوڄا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ زندگي گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان محروم رکي. اهڙو ماڻهو رويائن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي جسماني عقل تي ڦونڊجي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan