Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 55:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 55:3
45 Iomraidhean Croise  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.


تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند خدا! تو اهو واعدو فرمايو آهي. بيشڪ تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گھراڻو هميشہ لاءِ سڳورو رهندو.“


اي خداوند خدا! پنهنجي هن مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کان منهن نہ موڙ. هائو، تون پنهنجي ٻانهي دائود تي ڪيل مهربانيون نہ وسار.“


مون پنهنجي دل تنهنجي قاعدن قانونن سان لڳائي آهي، تان‌تہ آءٌ انهن تي هر دم عمل پيو ڪريان.


سو تون مون کي بچائي جيئرو رک، تان‌تہ آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندو رهان! شال تنهنجا قاعدا قانون منهنجي رهنمائي ڪندا رهن!


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي تعليم ٻڌو، اوهين منهنجي ڳالهين تي پنهنجو ڪن ڏيو.


آءٌ ابد تائين انهيءَ تي پنهنجي شفقت قائم رکندس، ۽ منهنجو عهد انهيءَ سان بيحد مضبوط رهندو.


انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين آسمان قائم آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


اي منهنجا ٻارؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏيو. هائو، منهنجيون ڳالهيون غور سان ٻڌو.


منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا. منهنجي نصيحتن جي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر بيحد حفاظت ڪريو.


اي منهنجي قوم وارؤ! مون ڏانهن ڌيان ڏيو. هائو، مون ڏانهن ڪن ڏيو. ڏسو، مون وٽان قومن کي تعليم حاصل ٿيندي، ۽ منهنجو عدل انهن لاءِ روشنيءَ مثل هوندو.


آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“


آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.


ان جي برعڪس هو مون خداوند پنهنجي خدا جي ۽ دائود جي نسل واري بادشاهہ جي خدمت ڪندا، جنهن کي آءٌ هنن لاءِ کڙو ڪندس.


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


تنهن تي مون کيس وراڻيو تہ ”هو تو کي انهن جي حوالي نہ ڪندا. تون خداوند جو هي حڪم مڃ، جيڪو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو. پوءِ تنهنجو ڀلو ٿيندو ۽ تو کي جيئدان ملندو.


هو صيئون جو رستو پڇا ڪندا ۽ اوڏانهن پنهنجو رخ رکندا. هو اتي اچي مون خداوند سان هڪ دائمي عهد ڪندا، جنهن کي هو ڪڏهن بہ نہ وساريندا.


انهيءَ هوندي بہ مون کي پنهنجو اهو عهد ياد آهي، جيڪو مون تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تو سان ڪيو هو. آءٌ انهيءَ عهد کي هميشہ تائين قائم رکندس.


اهو ئي اوهان جو حاڪم هوندو ۽ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا هوندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس.


اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان.


خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.


سو اي اسرائيل وارؤ! اوهين خداوند جا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو. جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ هو بيت‌ايل بلڪ اوهان جي سڄي ملڪ ۾ باهہ وانگر ڪاهي پوندو، ۽ اوهان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. ڪوبہ انهيءَ باهہ کي وسائي نہ سگھندو.


اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس.


پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.


پوءِ تنبن واري عيد جو آخري ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي عيسيٰ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.


جيڪو بہ خدا جو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين خدا جا نہ آهيو.“


باقي اها ڳالهہ تہ خدا انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘


شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan