Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 53:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ نہ وري سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي هئي، تنهن هوندي بہ کيس بدڪارن سان گڏ دفنايو ويو، ۽ دولتمندن سان گڏ قبر ۾ رکيو ويو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابہ ٺڳي نہ هئي، تہ بہ هنن ان جي قبر شريرن سان مقرر ڪئي، ۽ مرڻ کان پوءِ هو دولتمندن سان گڏ ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 53:9
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بي‌گناهہ رهيو.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو گناهہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن گناهن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan