يسعياہ 53:8 - Muslim Sindhi Bible8 هن کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو. هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي. کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو. هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو. Faic an caibideilSindhi Bible8 ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟ Faic an caibideil |
انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.