Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 53:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 53:7
17 Iomraidhean Croise  

هائو، آءٌ تہ هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جيان ٿيو آهيان، جيڪو نڪي ٻڌي ٿو، ۽ نہ ئي وري ڪو ڏوراپو ئي ٿو ڏئي.


انهيءَ سبب جو اي خداوند! تو تي ئي منهنجو ڀروسو آهي. اي منهنجا رب! اي منهنجا خدا! تون ئي منهنجي ٻڌندين.


تنهن هوندي بہ اسين تو خاطر روزانو موت جو منهن ڏسندا رهون ٿا. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.


بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بي‌عزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو ۽ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاهن کانئس ٻيهر پڇيو تہ ”ڇا تون ئي مسيح آهين، سڳوري خدا جو فرزند؟“


پر عيسيٰ وري بہ هڪ لفظ نہ ڳالهايو. تنهن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.


سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan