يسعياہ 51:4 - Muslim Sindhi Bible4 اي منهنجي قوم وارؤ! مون ڏانهن ڌيان ڏيو. هائو، مون ڏانهن ڪن ڏيو. ڏسو، مون وٽان قومن کي تعليم حاصل ٿيندي، ۽ منهنجو عدل انهن لاءِ روشنيءَ مثل هوندو. Faic an caibideilSindhi Bible4 اي منهنجي اُمت مون ڏانهن ڌيان ڏيو؛ اي منهنجي قوم مون ڏانهن ڪن ڏي: ڇالاءِ جو مون کان شريعت جاري ٿيندي، ۽ آءٌ پنهنجي عدالت قومن جي سوجهري لاءِ قائم ڪندس. Faic an caibideil |
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.