Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 51:3 - Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آس‌پاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻ‌پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 51:3
36 Iomraidhean Croise  

تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.


خداوند خدا جيڪا وراڻي ڏئي ٿو سا آءٌ ٻڌان ٿو. هو واعدو ٿو ڪري تہ پنهنجي قوم، پنهنجي چونڊيلن سان، سلامتيءَ واريون ڳالهيون ڪندو، شرط اهو آهي تہ اسين وري بي‌وقوفيءَ جو رستو نہ وٺون.


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“


تڏهن منڊا ماڻهو هرڻ وارا ڇال ڏيندا، ۽ گونگا خوشيءَ وچان نعرا هڻندا. بيابان مان چشما ڦٽي نڪرندا، ۽ رڻ‌پٽ منجھان نديون وهڻ لڳنديون.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


فقط انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيو، جيڪي آءٌ هاڻي ڪرڻ وارو آهيان. اهي هاڻي عمل ۾ اينديون، اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان نہ ٿا ڏيو ڇا؟ ڏسو، آءٌ بيابان ۾ هڪ رستو جوڙيان ٿو، ۽ اتان ئي نديون وهايان ٿو.


آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.


اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين، سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ. تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا، ۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري سوڙهي ٿي پوندينءَ.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟


اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


سو اي انسانؤ! اوهين خوش ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشيون ملهائيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ نئون يروشلم جيڪو آءٌ بڻايان ٿو، سو شادمانن سان ڀرپور هوندو، ۽ انهيءَ جا ماڻهو ٻين لاءِ بہ خوشين جو باعث بڻبا.


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


آءٌ اوهان تي انسان توڙي جانور گھڻي انداز ۾ وڌائيندس. اهي گھڻا ٿيندا ۽ وڌندا ويجھندا. آءٌ اوهان کي اڳي وانگر وري آباد ڪندس، بلڪ اڳي کان بہ وڌيڪ اوهان تي احسان ڪندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تڏهن هر ڪو ڏسي چوندو تہ ’واہ! جيڪا زمين ويران هئي، سا هاڻي ڪيئن نہ عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪي شهر اجڙيل، ويران ۽ ناس ٿيل هئا، سي هاڻي ڪيئن نہ ڪوٽن وارا ۽ آباد شهر ٿي ويا آهن.‘


اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي.


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan