Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 5:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بي‌گھر ۽ بي‌در ٿي رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 5:8
14 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ هو ويران شهرن ۾ رهندا، هائو، اهڙن غير آباد گھرن ۾، جيڪي ڊهي ڍير ٿيڻ وارا آهن.


اهڙي ڪابہ شيءِ ناهي بچي، جيڪا هنن ڳڙڪائي نہ ڇڏي هجي، تنهنڪري هنن جي آسودگي جٽاءُ نہ ڪندي.


ناجائز نفعي جو لالچي پنهنجي گھر جي برباديءَ جو سبب ٿو بڻجي، مگر رشوت کان نفرت ڪرڻ وارو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! يروشلم شهر جا رهڻ وارا دعويٰ ٿا ڪن تہ تون ۽ تنهنجا مٽ مائٽ، ۽ ٻيا بني اسرائيل جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيل آهن سي مون خداوند جي حضور مان تڙيا ويا آهن. اهي اها بہ دعويٰ ڪن ٿا تہ هاڻي ورثي ۾ مليل ملڪ رڳو انهن کي ئي ڏنو ويو آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اسرائيل ملڪ جي ويران ٿيل شهرن ۾ رهڻ وارا ماڻهو چوندا ٿا وتن تہ ’ابراهيم رڳو هڪڙو شخص هو، جنهن کي خداوند هي سڄو ملڪ ميراث طور ڏيئي ڇڏيو هو، جڏهن تہ اسين هاڻي تمام گھڻا آهيون. سو اهو ملڪ اسان جو ئي آهي.‘


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ ”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن، ۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا. پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan