Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 5:6
32 Iomraidhean Croise  

الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،


تہ پوءِ ڀلي انهيءَ ۾ ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جَون جي بدران ڪک ڪانا ٿين.“ ائين چئي ايوب پنهنجو ڳالهائڻ ختم ڪيو.


ڇا ڏسان تہ اتي هر طرف ڪانڊيرا ئي ڪانڊيرا آهن، ۽ ڊڀن ٻنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. ٻنيءَ جي چوڌاري جيڪا پٿرن جي ڀت هئي، سا بہ ڪري پيئي آهي.


شهرن کي ڊاهي بلڪل کنڊر بڻايو ويندو، ۽ انهن جا دروازا ڀڃي ناس ڪيا ويندا.


خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.


ياد رکو، جيتوڻيڪ هينئر اوهين مطمئن آهيو، تہ بہ هڪ سال جي اندر اندر اوهان کي ڏڪڻي وٺي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو انگورن جو فصل چٽ ٿي ويندو، بلڪ اوهان کي ڪوبہ فصل حاصل ٿي نہ سگھندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين، سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ. تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا، ۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري سوڙهي ٿي پوندينءَ.


پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“


اهي ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي ڪڙڪندا ۽ سڪل برساتي نهرن توڙي ٽڪرين جي چرن ۾، ايتري قدر جو سڀني چراگاهن توڙي ڪنڊن ڪانڊيرن تي بہ ڇانئجي ويندا.


خداوند مون يرمياہ کي خشڪ ساليءَ جي باري ۾ فرمايو تہ


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’جيڪي مون اڏيو آهي تنهن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو پاڙان پٽي ٿو ڪڍان. سو آءٌ سڄي دنيا ۾ ائين ئي ڪندس.


هن پنهنجي هيڪل، جتي سندس ئي عبادت ڪئي ويندي هئي، تنهن کي ڊاهي ائين پَٽ ڪري ڇڏيو، جيئن ڪنهن باغ مان جھوپڙي ڊاهي پَٽ ڪئي وڃي. تنهنڪري پياري صيئون ۾ عيدون ۽ سبت جا ڏينهن نہ ٿا ملهايا وڃن. هن پنهنجي قهر ۽ غضب وچان، بادشاهہ توڙي ڪاهنن کي ڌڪاري ڇڏيو آهي.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.


انهيءَ ڪٽڪ اسان جي انگورن جا باغ اجاڙي ڇڏيا آهن، ۽ اسان جي انجيرن جا وڻ ڀڃي وڌا آهن. وڻن جا ڇوڏا بہ لاهي اڇلايا اٿن، ايتري قدر جو ٽاريون بلڪل اڇيون نظر اچن ٿيون.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan