Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 5:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 5:25
60 Iomraidhean Croise  

تنهنجي ڪٽنب جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائي ويندا ۽ جيڪو جھنگ ۾ مرندو تنهن کي ڳجھون کائي وينديون. آءٌ خداوند ائين ئي ٿو چوان.‘“


تنهنجي خاندان جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا ۽ جيڪو جھنگ ۾ مرندو تنهن کي ڳجھون کائينديون.“


تنهنجو جيڪو بہ مائٽ شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا ۽ جيڪو جھنگ ۾ مرندو تنهن کي ڳجھون کائينديون.‘“


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل وارن تي ڀڙڪي اُٿي ۽ هن انهن کي بار بار ارام جي بادشاهہ حزائيل ۽ پوءِ سندس پٽ بن‌هدد بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ٿي ڇڏيو.


ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


جڏهن خدا پنهنجي ڪاوڙ ڏيکاري، تڏهن سامونڊي بلا رهب جا ساٿي بہ ڊپ وچان سندس پيرن ۾ اچي جھڪيا.


تڏهن خداوند کي پنهنجي قوم تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ پنهنجي انهن چونڊيلن کان کيس نفرت ٿي ويئي.


اي ڌرتي! تون بہ ڏڪي ويندينءَ، جڏهن يعقوب جو خدا تو کي اچي ويجھو ٿيندو.


پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي. هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.


تڏهن ڌرتي ڌُڏي ويئي هئي ۽ تو آڏو آسمان وٺا هئا، هائو، تنهنجي سينا جبل تي ظاهر ٿيڻ سان، تو بني اسرائيل جي خدا جي آڏو.


تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي.


پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ کڻي مصر جي سڀني ندين، نهرن، تلائن ۽ حوضن تي پنهنجو هٿ ڊگھيري تہ جيئن اهي رت ٿي پون. پوءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾، ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ بہ رت ئي رت هوندو.“


ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


پوءِ اهي ڪنهن ٻڏندڙ ماڻهوءَ جيان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندا، پر سندن هر طرح جي ڪوشش جي باوجود خدا سندن غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو.


پر ان کان پوءِ آءٌ انهيءَ شهر تي اهڙي مصيبت آڻيندس، جو اهو حقيقي قربان‌گاهہ بڻجي ويندو. هائو، اهو شهر، جنهن کي منهنجي قربان‌گاهہ سڏيو وڃي ٿو، سو رت سان ڀرجي ويندو، ۽ اتي روڄ راڙو پئجي ويندو.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾، ائين بي‌هوش پيا آهن، جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي. اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.


بيشڪ تو اهڙا تہ خوفناڪ ڪم ڪيا آهن، جيڪي اسان جي وهم وَ گمان ۾ بہ نہ هئا. تنهنجي هيٺ لهي اچڻ سان تہ جبل بہ ڏڪيو ٿي ويا.


ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


انهيءَ ڪري خداوند انهن جي خلاف سندن مخالفن کي اٿاري کڙو ڪيو. هائو، هن سندن دشمنن کي مٿن چاڙهي آندو.


بلڪ هن قوم جا سڀ رهنماءَ ئي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن. هائو، هو پنهنجي پيروي ڪندڙن کي مونجھاري ۾ ٿا وجھن.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


سو ملڪ اندر جتي ڪٿي ماڻهو ڦر مار ڪن ٿا. هو جھنگلي جانورن وانگر حملو ڪري، هر طرف چيرڦاڙ ڪندا ٿا وتن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ئي مٽن مائٽن کي بہ ڳڙڪايو ٿا وڃن، پر تڏهن بہ سندن بک ختم نہ ٿي ٿئي.


اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.


آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


اوهين پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري اهو ملڪ وڃائي ويهندا، جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي. آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ اوهان جي دشمنن جو غلام بڻائيندس جنهن بابت اوهان کي ڪابہ ڄاڻ ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ڪاوڙ کي ڀڙڪايو آهي، جيڪا هميشہ ڀڙڪندي رهندي.“


جبلن ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي ڏڪن ٿا پيا. ٽڪرين ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي سڀ هيڏي هوڏي پيون لرزن.


انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.


هنن جا گھر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي آءٌ پنهنجو هٿ کڻڻ وارو آهيان.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“


ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟


انهيءَ مثال جو مقصد آءٌ خداوند خدا سمجھايان ٿو تہ جهڙيءَ طرح انگورن جي ول ٻيلي جي ٻين وڻن جي ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ بيڪار آهي، ۽ رڳو باهہ ۾ ساڙي وڃي ٿي، تهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ باهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس.


بيشڪ جڏهن آءٌ کيس ڪمزور ڪندس ۽ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪري سندس هٿ ۾ پنهنجي تلوار ڏيندس، تڏهن اهو مصر ۾ قتلام ڪندو.


هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.


پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.


پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا، جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي. جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا، جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.


هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.


جبل تو کي ڏسندي ئي ڏڪي ويا هئا، پاڻيءَ جا ريلا ٻوڏ جي صورت ۾ آيا هئا، اونهي سمنڊ گجگوڙون ڪيون هيون ۽ پنهنجيون ڇوليون اوچيون ڪيون هئائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بني آدم تي ايتري مصيبت آڻيندس، جو هو انڌن وانگر ٿيڙ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هنن جو رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويندو، ۽ سندن لاش زمين تي ڳرندا ۽ سڙندا رهندا.


تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘


غير معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون هنن ڪيون هونديون، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس.


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan