خدا انهن کي برباد ڪري ڇڏيندو، جيڪي بيگناهن کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا قرار ڏين، ۽ شهر جي دروازي وٽ ويهي عدالت ڪندڙ کي ڦندي ۾ ٿا ڦاسائين، ۽ سچار کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان انصاف کان دور ٿا رکن.
انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربانگاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.