Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 5:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي مئي پيئڻ جا شير آهيو، ۽ پاڻ کي نشي وارين شين ٺاهڻ جا ماهر ٿا سمجھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 5:22
14 Iomraidhean Croise  

اخي‌اب جو لشڪر منجھند جو حملي لاءِ روانو ٿيو، تنهن وقت بن‌هدد پنهنجي ٻين ٻٽيهن حمايتي حاڪمن سان گڏ تنبن ۾ پيئندي پيئندي نشي ۾ مدهوش لڳو پيو هو.


اوهين رشوت نہ وٺو، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


شراب يا مئي جي زيادتي طعنن جو سبب بڻجي ٿي. بيشڪ اهڙو نشو انسان کي جھڳڙالو ٿو بڻائي، ۽ نشي ۾ ڦاسندڙ ڏاهو ناهي.


ڪير هميشہ مشڪلاتن ۾ آهي؟ ڪير ڏک ۾ ٿو گذاري؟ ڪير جھيڙا جھڳڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي اجايا زخم رسيا آهن؟ ڪنهن جون اکيون رت جهڙيون لال آهن؟


اي لموئيل! اهو بادشاهن جي شان وٽان ناهي تہ اهي شراب پيئن. هائو، نشي‌بازي حڪمرانن کي نہ ٿي جڳائي.


جڏهن اهي شراب پيئن ٿا تہ قاعدن قانونن کي وساري ٿا ڇڏين، ۽ پوءِ ڪنهن مظلوم سان ناانصافي ڪريو وجھن.


پر ڏسو، انهيءَ جي بدران اوهان خوشيون ۽ شادمانا ڪيا، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون، ۽ هيئن چوندي گوشت کائڻ ۽ مئي پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويا تہ ”اچو تہ کائي پي عيش ڪريون، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي شايد اسين مري وڃون.“


مئي پيئڻ وارن جي خوشيءَ جا گيت ٻڌڻ ۾ نہ ايندا، بلڪ نشي واري ڪابہ شيءِ پيئڻ واري کي ڪو مزو نہ ڏيندي.


ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي صبح جو سوير اُٿي نشي‌بازيءَ جي پٺيان ٿا لڳو، ۽ رات جو دير تائين ٿا جاڳو، جيستائين اوهان تي مئي جو نشو نہ ٿو چڙهي.


اهي سڀ هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’اچو تہ مئي پيئون ۽ نشا ڪري مست ٿيون، سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگر ٿيندو، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهتر ٿيندو.‘“


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي پنهنجي آس‌پاس وارن ملڪن جي ائين بي‌حرمتي ٿا ڪريو، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي مئي جي سانداريءَ مان ايستائين پيئاريندو رهي جيستائين هو نشي ۾ مدهوش ٿي وڃي، تان‌تہ هو انهيءَ جي اوگھڙ ڏسي سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan