Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 5:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 افسوس انهن تي جي پنهنجي نظر ۾ ڏاها آهن ۽ پنهنجي نگاهہ ۾ سياڻا آهن!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 5:21
13 Iomraidhean Croise  

پر بي‌وقوف ماڻهن جو انهن ڳالهين کي سمجھڻ ايترو ئي ناممڪن آهي، جيترو ڪنهن جھنگلي جانور جو گھريلو جانور کي ڄڻڻ.“


اوهان ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجھي. انهيءَ کان تہ بي‌وقوف مان وڌيڪ اميد آهي.


سُست ماڻهو ستن ڏاهن ماڻهن کان بہ وڌيڪ پاڻ کي داناءُ ٿو سمجھي.


اوهين پنهنجو پاڻ کي گھڻو عقلمند نہ سمجھو، بلڪ خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو.


اشور جو شهنشاهہ هي ٻٽاڪون ٿو هڻي تہ ”مون هي سڀ پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ سان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سياڻو ۽ چالاڪ آهيان. مون قومن کي شڪست ڏيئي سندن سرحدون مِٽائي ڇڏيون آهن، ۽ انهن جا خزانا لٽي هٿ ڪيا اٿم. مون جھنگلي سانَهہ جيان اتي جي رهاڪن کي، پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي.


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


هو دنيا جي طاقتور حڪمرانن کي هيٺ ڪيرايو ڇڏي، ۽ کين ڪين جهڙو ڪريو ڇڏي.


جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو، ۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي، بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو، ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘


عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“


هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر بي‌وقوف ثابت ٿيا.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan