Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 گھٽ درجي وارن ماڻهن کي اڃا بہ گھٽايو ويندو، جڏهن تہ وڏي مرتبي وارن کي بلڪل حقير ڪيو ويندو، ۽ مغرورن کي خوار خراب ڪيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ۽ گهٽ درجي وارو ماڻهو جهڪي ويو آهي، ۽ وڏي درجي وارو ماڻهو حقير ڪيو ويو آهي، ۽ مٿانهين جاءِ وارن جون اکيون هيٺ ڪيون ويون آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 5:15
24 Iomraidhean Croise  

نماڻن ماڻهن کي تون ئي بچائين ٿو، ۽ مغروريءَ سان هلڻ وارن کي هيٺ ڪيرائين ٿو.


اي خداوند! منهنجيءَ دل ۾ ڪا مغروري ڪانهي، نڪي وري آڪڙ ۾ منهنجيون اکيون آسمان تائين اوچيون آهن، عجيب ۽ وڏين ڳالهين ۾ آءٌ ڪوبہ دخل نہ ٿو ڏيان.


سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پاڻ کي ٻين کان مٿاهون ٿا سمجھن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن نظر ۾ خسيس آهن.


پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“


پر ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، انهن دشمنن کي وڻ جي ٽارين جيان وڍي زور سان اڇلائيندو. هو هر ڊگھي قد واري وڻ کي وڍي ڪيرائيندو. هائو، هر ڪنهن مضبوط وڻ کي وڍي خداوند پٽ ڪري ڇڏيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.


بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.


ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.


هائو، پنهنجن ئي هٿن جي ڪاريگريءَ آڏو اهي ڪنڌ جھڪائين ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي ذليل وَ خوار ٿا ڪن. سو اي خداوند! تون کين هرگز معاف نہ ڪج.


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan