يسعياہ 5:13 - Muslim Sindhi Bible13 تنهنڪري اڻڄاڻ بڻجڻ سبب اوهين جلاوطن ڪيا ويندا. اوهان جا امير بک ۾ پاهہ ٿيندا، ۽ عام ماڻهو اڃ ۾ پيا تڙپندا. Faic an caibideilSindhi Bible13 تنهن ڪري منهنجي قوم قيد ۾ ويئي آهي، يعني علم نہ رکڻ ڪري: ۽ انهن جا آبرو وارا ماڻهو بک ٿا مرن، ۽ انهن جا عام ماڻهو اُڃ سان پاهہ ٿا ٿين. Faic an caibideil |
۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻيواڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.