Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 49:9 - Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ قيدين کي چوندس تہ ’هاڻي اوهين آزاد آهيو،‘ ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوندس تہ ’ٻاهر نڪري روشنيءَ ۾ اچو.‘ اهي اهڙين رڍن وانگر ٿيندا، جيڪي رستي ۾ هر هنڌ چرنديون وتنديون آهن، ۽ سڀيئي ٽڪريون انهن لاءِ چراگاهون هونديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن کي چوين تہ نڪري اچو، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوين تہ پاڻ کي ظاهر ڪريو. اهي رستن تي کائيندا ۽ سڀني ويران ٽڪرين تي بہ انهن کي کاڌو ملندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 49:9
37 Iomraidhean Croise  

هن جلاوطنن جون آهون ٻڌي نگاهہ ڪئي آهي، تان‌تہ هو انهن کي ڇڏائي جيڪي موت جي منهن ۾ آهن.“


هو ستايلن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو، بکايلن کي کاڌو ڏئي ٿو، ۽ قيدين کي ڇڏائي ٿو.


غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!


انهيءَ سبب جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ قيد ۾ پيل پنهنجي ماڻهن کي وساري نہ ٿو ڇڏي.


آءٌ ويران ٽڪرين تان نديون، ۽ ماٿرين مان چشما وهائيندس. آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون بڻائي ڇڏيندس.


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


تون انڌن جون اکيون روشن ڪندين، ۽ انهن قيدين کي زندان مان ڪڍندين، جيڪي اونداهين ۾ قيد آهن.


”اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان. هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان، ۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان، جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.


تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا.


بيشڪ جيڪا قوم مصيبت جي اونداهيءَ ۾ ٿي هلي، سا خوشحاليءَ جي وڏي روشنائي ڏسندي. هائو، اها روشنائي انهن سڀني تي چمڪندي، جيڪي موت جي پاڇي واري هنڌ رهن ٿا.


آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان هڪڙو ڌنار اوهان تي مقرر ڪندس، جيڪو منهنجي ڌڻ جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪندو.


آءٌ سندن ٻنين ۾ تمام جھجھا فصل اپائيندس، تنهنڪري هو وري ڪڏهن بہ ڏڪار سبب نہ مرندا ۽ نہ وري غير قومن جا ڪي طعنا سهندا.


انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.


جيڪڏهن هو انهن طريقن سان نہ ٿو ڇڏايو وڃي، تہ پوءِ بحاليءَ جي سال ۾ هو پنهنجي ٻارن سميت پاڻيهي ڇٽي ويندو.


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


جيڪا سلامتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي.


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،


ملڪ جا مٿاهان علائقا بہ هن سندن قبضي ۾ ڏنا، ۽ زرخيز ٻنين جو ڦل کارايائين. هن ٽڪر منجھان ماکي ڪڍي کين چوسائي، ۽ چقمقي جبل منجھان زيتون جو تيل مهيا ڪري ڏنائين.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan