Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 49:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ جبلن کي سڌو ڪري رستو بڻائيندس، ۽ پنهنجي قوم جي سفر ڪرڻ لاءِ شاهي رستو تيار ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 آءٌ پنهنجي سڀني جبلن تي رستو بنائيندس، ۽ منهنجون شاهي سڙڪون بحال ٿينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 49:11
12 Iomraidhean Croise  

اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو.


هو انهن کي سڌيءَ راهہ سان وٺي آيو، ۽ آڻي کين شهر ۾ پهچايائين.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


انهن ڏينهن ۾ مصر کان اشور تائين اچ وڃ جو رستو کُليل هوندو، سو اشور وارا مصر ۾ ايندا ۽ مصر وارا اشور ڏانهن ويندا. اهي ٻئي قومون گڏجي خداوند جي عبادت ڪنديون.


فقط انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيو، جيڪي آءٌ هاڻي ڪرڻ وارو آهيان. اهي هاڻي عمل ۾ اينديون، اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان نہ ٿا ڏيو ڇا؟ ڏسو، آءٌ بيابان ۾ هڪ رستو جوڙيان ٿو، ۽ اتان ئي نديون وهايان ٿو.


هن دفعي اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڪو اوهان جي پٺيان هوندو جو اوهين ڀڄي نڪرو، بلڪ خداوند، بني اسرائيل جو خدا اوهان جي رهنمائي ڪندو، ۽ هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو، هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو، تان‌تہ اها توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي.


لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan