Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 48:13 - Muslim Sindhi Bible

13 مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 هائو، منهنجي هٿ زمين جو بنياد وڌو آهي، ۽ منهنجي ساڄي هٿ آسمانن کي پکيڙيو آهي: جڏهن آءٌ هن کي سڏيان ٿو تڏهن اهي گڏ ٿي بيهن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 48:13
18 Iomraidhean Croise  

ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي.


تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.


هو تارن جو تعداد مقرر ڪري ٿو، ۽ هر هڪ تاري تي جدا جدا نالو رکي ٿو.


مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.


ڇا ڪو سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپي ٿو سگھي؟ يا آسمان کي پنهنجي گرانٺ سان ڪڇي ٿو سگھي؟ ڇا ڪو زمين جي مٽيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ ماپي ٿو سگھي؟ يا ڪو جبلن ۽ ٽڪرن کي تارازيءَ ۾ توري ٿو سگھي؟


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو؟ ڇا اوهين نہ ٿا ٻڌو؟ ڇا اها ڳالهہ اوهان کي شروع کان ئي نہ ٻڌائي ويئي آهي؟ ڇا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ دنيا جي شروعات ڪيئن ٿي؟


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


اي انسانؤ! پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي ڏسو تہ انهن سڀني ستارن ۽ سيارن جو خالق ڪير آهي؟ رڳو اهو ئي آهي، جيڪو انهن کي هڪ لشڪر وانگر هلائي ٿو. اهو ئي انهن جو تعداد ڄاڻي ٿو، ۽ انهن مان هر هڪ کي سندس نالو وٺي سڏي ٿو. هن جي قدرت ايڏي تہ عظيم آهي، جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ گم نہ ٿو ٿئي!


خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اوهان مون خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن آسمان کي ڦهلايو ۽ زمين جو بنياد وڌو هو. اوهين سڄو ڏينهن انهن ظالمن جي غضب کان ڊڄندا ٿا رهو، جيڪي اوهان کي برباد ڪرڻ جون تياريون ٿا ڪن. پر هاڻي اڳتي انهن جو غضب اوهان جي ويجھو بہ ڪين ايندو،


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابراهيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آهي.“ اهو واعدو سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابراهيم جو ايمان انهيءَ خدا تي هو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan