Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 48:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهو سڀ مون پنهنجي خاطر، هائو، رڳو پنهنجي ئي خاطر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو منهنجي خلاف ڪفر بڪي. آءٌ پنهنجي عظمت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پنهنجي خاطر، خود پنهنجي خاطر آءٌ ائين ڪندس؛ ڇالاءِ منهنجو نالو ناپاڪ ٿئي؟ ۽ آءٌ پنهنجو جلال ٻئي ڪنهن کي نہ ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 48:11
23 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب هن کين بچايو هو، تان‌تہ هو پنهنجي عظيم قدرت کي ظاهر ڪري.


اسان جي لاءِ نہ اي خداوند! اسان جي لاءِ نہ، بلڪ پنهنجي دائمي شفقت ۽ سچائيءَ جي واسطي، تون رڳو پنهنجي نالي جي لاءِ پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪر.


اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


آءٌ ئي اڪيلو خداوند تنهنجو خدا آهيان. ڪوبہ ٻيو معبود منهنجي عظمت ۾ حصيدار نہ آهي، نڪي ڪا تراشيل مورتي منهنجي واکاڻ ۾ شريڪ ٿي سگھي ٿي.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


انهيءَ سبب مون گھڻو اڳي ئي اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون هيون. هائو، انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ کان اڳي ئي مون اوهان تي اهي ظاهر ڪري ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’اهي ڪم اسان جي ديوتائن ڪيا آهن، اهي ڪم اسان جي اُڪريل ۽ پلٽيل مورتين جي حڪم سان ٿيا آهن.‘


جيئن تہ ماڻهو منهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا، سو آءٌ پنهنجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪندس. انهيءَ جي ڪري ئي آءٌ اوهان کان مڙي ويندس، ۽ اوهان کي تباهہ نہ ڪندس.


هاڻي اها ساڳي ڳالهہ بابل ۾ ٿي رهي آهي، جو اوهان کي قيد ڪيو پيو وڃي. اوهان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هر روز گھڙيءَ گھڙيءَ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻندي منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ ’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين، تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر. بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن، ۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي آڏو منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ هنن کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.


انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجو هٿ روڪيو ۽ پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيم، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جي بڇڙي چال چلت ۽ اوهان جي بدڪارين مطابق اوهان سان سلوڪ نہ ڪندس، بلڪ پنهنجي نالي جي خاطر اوهان کي سڌاريندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان، سو اي بني اسرائيل! اوهان جي خاطر نہ بلڪ پنهنجي پاڪ نالي جي خاطر ڪريان ٿو، جنهن جي اوهان جي ڪري انهن غير قومن منجھہ بي‌حرمتي ٿي آهي، جن ۾ اوهين رهو ٿا.


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.


اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan