Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 47:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي‌پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رن‌زال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 47:8
36 Iomraidhean Croise  

تو سوچيو ٿي تہ ’آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهي ويندس، آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.‘


سو اي آرام طلب عورتون! اوهين خوف وچان ڏڪو. اي لاپرواهہ عورتون! اوهين ڊپ وچان ڪنبڻ لڳو. هائو، اوهين پنهنجي بدن جا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪريو، ۽ سوڳ ڪندي کٿا ڍڪيو.


اي آرام طلب عورتون! اوهين اُٿي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هائو، اي لاپرواهہ عورتون! منهنجيون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.


هاڻي اوڀر کان وٺي ويندي اولهہ تائين، هر ڪو ماڻهو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو، ۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي، بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو، ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘


’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون، جيڪا بي‌فڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي. اها هڪ اهڙي قوم آهي، جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا، نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا رهاڪؤ! اوهين ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿا ٿيو، اي منهنجي قوم کي لٽڻ وارؤ! اوهين اَنُ لتاڙيندڙ گابن وانگر ٽپا ٿا ڏيو. اوهين متل گھوڙن وانگر هڻڪار ٿا ڪريو.


توڙي جو بابل کڻي آسمان تائين پهچي وڃي، ۽ پنهنجي اوچن قلعن کي مضبوط ڪري، تہ بہ آءٌ تباهي مچائيندڙ لشڪر مٿس چاڙهي آڻيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن آءٌ سوڊان وارن ڏانهن بہ پنهنجا قاصد جهازن ۾ موڪليندس، جيڪي مصر جي تباهيءَ جو اعلان ڪندا. هو سمجھن ٿا تہ مصر جي هجڻ سان امن وَ سلامتيءَ ۾ آهن، پر مصر جي برباديءَ جو اعلان ٻڌي اهي دهلجي ويندا. ڏسو، اهو وقت ويجھو ٿي رهيو آهي.


سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي محلات ۾ آرام ۽ سک سان گذاري رهيو هئس.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو.


جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.


اهو سڀ ڪجھہ نينواہ ڪڃريءَ جي گھڻي زناڪاريءَ جي ڪري آهي، جيڪا ماهر جادوگرياڻي پڻ آهي، ۽ جنهن قومن کي پنهنجي حسن ۽ بدپيشي سان، ۽ گھراڻن کي پنهنجي جادوءَ سان غلام بڻائي ڇڏيو آهي.


اها خوفناڪ ۽ هيبتناڪ قوم آهي. اها جيڪا پاڻ ئي پنهنجي عدالت آهي، ۽ پاڻ ئي پنهنجي مان ۾ اضافو ڪندي آهي.


اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بي‌فڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيت‌رحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بي‌خوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا.


سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan