Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 47:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 47:6
28 Iomraidhean Croise  

دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“


منهنجي پيءُ اوهان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي، تنهن کي آءٌ اڃا بہ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.‘“


سامريہ شهر ۾ ئي عودد نالي خداوند جو هڪڙو نبي رهندو هو، جيڪو ٻاهر نڪري وڃي سامريہ ڏانهن موٽندڙ لشڪر سان مليو. هن کين چيو تہ ”جيئن تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. پر اوهان جنهن بيدرديءَ سان کين ڪٺو آهي، تنهن جي دانهن عرش عظيم تائين وڃي پهتي آهي.


تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


جيڪي مارجڻ کان بچي ويا هئا تن کي بابل جو بادشاهہ جلاوطن ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. اهي هن جا ۽ سندس اولاد جا تيستائين غلام ٿي رهيا جيستائين فارس جي شهنشاهہ بابل تي قبضو ڪيو.


پر پوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن هن کين بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن خدا جي هن گھر کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪري وٺي ويو.


ڇوجو هو تن کي ئي ستائين ٿا جن کي تو سزا ڏني آهي، ۽ تن جي ئي ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻرڪن جن کي تو زخمي ڪيو آهي.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


انهن جي کير پياڪ ٻارن کي سندن روبرو هيٺ اڇلائي ماريو ويندو. سندن گھرن کي لٽيو ڦريو ويندو، ۽ سندن عورتن سان زوري ڪئي ويندي.


هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن شهرن کي ڊاهي ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ دنيا کي بيابان بڻائي ڇڏيو هئائين، جنهن قيدين کي آزاد نہ ڪيو هو، تان‌تہ اهي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃن؟‘


اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.


هن منهنجي گناهن کي پاڃاريءَ جيان، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. انهن گناهن جو وزن ايترو تہ ڳرو آهي، جو آءٌ بلڪل نستي ٿي پيئي آهيان. هائو، ڌڻيءَ مون کي زورآور دشمنن جي حوالي ڪيو آهي، جن جي مقابلي ڪرڻ جي مون ۾ سگھہ ئي ڪانهي.


هر ڪو ماڻهو منهنجيون آهون تہ ٻڌي ٿو، پر اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي. اٽلندو مون تي تنهنجي آندل مصيبت بابت ٻڌي منهنجا دشمن خوش ٿا ٿين. سو اي خداوند! جيئن تو واعدو فرمايو آهي، تيئن تون جلدي مون وانگر انهن کي بہ سزا ڏي.


آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند پنهنجي غضب وچان نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻي سندن ڪابہ سار نہ ٿو لهي. بلڪ هو اسان جي ڪاهنن کي ڪا عزت نہ ٿو ڏئي، نڪي اسان جي اڳواڻن جو ڪو لحاظ ٿو رکي.


اسان جي حڪمرانن جا هٿ ٻڌي کين ٽنگيو ويو آهي، ۽ اسان جي بزرگن سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي ظلم سان ڀرجي ويو آهين. هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو. سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو، ۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي، تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ادوم وارؤ! جيئن تہ اوهان پنهنجي هم‌قوم ڀائرن، يعني يعقوب جي اولاد کي لٽيو ڦريو ۽ کين قتل ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين هميشہ جي لاءِ برباد ۽ خوار خراب ڪيا ويندا.


منهنجيءَ قوم منهنجي پاڪ جبل صيئون تي منهنجي غضب جو پيالو پيتو آهي. پر جلد ئي سندن آس‌پاس واريون قومون انهيءَ کان بہ وڌيڪ منهنجي غضب جو پيالو پيئنديون. هائو، اهي اهو پيالو پيون پيئنديون ۽ ڳڙڪائينديون، ايتري تائين جو دنيا ۾ سندن وجود ئي باقي نہ رهي.“


تڏهن انهيءَ ملائڪ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي قادر‌مطلق خداوند! ڪيستائين تون يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن تي رحم نہ ڪندين، جن کان تون ستر سالن کان ناراض آهين؟“


پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


اها اهڙي تہ خوفناڪ چهري واري قوم هوندي، جيڪا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي ۽ نہ جوان سان مروت.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan