Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 47:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو، ۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي، بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو، ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 47:10
23 Iomraidhean Croise  

اهي بدڪار دل ۾ هيئن ٿا چون تہ ”خدا کي ڪو فڪر ئي ناهي، هن اکيون بند ڪيون آهن، سو اسان ڏانهن ڪين ٿو ڏسي.“


”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“


هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“


اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.


جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي خداوند سان ويساگھاتي ڪندي پنهنجا منصوبا هن کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهي ڳجھيءَ طرح منصوبا جوڙي سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪوبہ نہ ٿو ڏسي ۽ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“


سو بت‌پرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بي‌وقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بي‌وقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.


تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي‌پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رن‌زال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،


ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


تڏهن خدا مون کان پڇيو تہ ”اي حزقي‌ايل! اي آدمزاد! ڏس تہ بني اسرائيل جا اڳواڻ ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڇا ٿا ڪن! اهي سڀ پنهنجي پنهنجي مورتين جي مخصوص جاين اڳيان انهن جي پوڄا ٿا ڪن. اهي بهانو بڻائي چون ٿا تہ ’خداوند اسان کي نہ ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهي.‘“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بي‌فڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.


هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر بي‌وقوف ثابت ٿيا.


ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بي‌وقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan