يسعياہ 46:3 - Muslim Sindhi Bible3 اي يعقوب جو اولاد! هائو، اوهين باقي بچي ويل بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جي ڳالهہ ٻڌو. مون ئي شروع کان وٺي اوهان کي پئي سنڀاليو آهي، ائين ئي جيئن ڪنهن ٻار کي ڄمڻ کان وٺي پالي نپايو وڃي. Faic an caibideilSindhi Bible3 اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪي بچيا آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، مون اوهان کي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليو آهي، اوهان کي ننڍپڻ کان ئي هنج ۾ کنيو اٿم: Faic an caibideil |
اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بياولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بيشمار نسل پيدا ٿيو.