Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 45:3 - Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ تو کي لڪل خزانا، ۽ ڳجھين جاين ۾ پوريل دولت عطا ڪندس. پوءِ تون ڄاڻيندين تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو خدا آهيان، جنهن تنهنجو نالو وٺي تو کي سڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 45:3
15 Iomraidhean Croise  

سو هاڻي اي بني اسرائيل جا خدا! تنهنجو اهو واعدو جيڪو تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو بہ پورو ٿئي.


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.


موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”بيشڪ تو مون کي چيو آهي تہ ’هنن ماڻهن کي وٺي هل.‘ پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ مون سان گڏ ڪنهن کي موڪليندين، جيتوڻيڪ تو ائين بہ فرمايو آهي تہ ’آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو‘ ۽ ’منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.‘


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ ائين بہ ڪندس جيئن تون چوين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي ۽ آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو.“


هائو، اوهين اسان کي ٻڌايو تہ اڳتي ڇا ٿيندو، تہ پوءِ اسين سمجھون تہ اوهين سچا معبود آهيو. اوهين چڱائي يا بڇڙائي ڪجھہ تہ ڪري ڏيکاريو، تہ جيئن اسين سڀ ڏسون ۽ ڊڄي وڃون.


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان، جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ پري کان کيس گھرايو اٿم. آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.


اي ٻيٽن جا رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو. اي پري جون قومون! ڪن ڏيو. جڏهن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ئي هئس، تہ خداوند مون کي چونڊيو. هائو، آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئس، تہ هن مون کي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو.


پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين.


اي بابل جا دشمنؤ! اوهين هر طرف کان اچي بابل تي حملو ڪريو. ان جي اناج جا گدام ڀڃي خالي ڪريو. ملڪ کي ڊاهي ويران دڙا ڪري ڇڏيو. هائو، ان کي لٽي ڦري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن منجھس ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.


اوهان جي گھوڙن توڙي جنگي گھوڙي گاڏين تي بہ آءٌ تلوار کڙي ڪندس. اوهان جا ڌارين قومن وارا سمورا اتحادي بہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي عورتن وانگر ڊڄڻا ٿي پوندا. منهنجي انهيءَ تلوار کان اوهان جا خزانا بہ بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي لٽجي ڦرجي ويندا.


بابل ملڪ جنهن ۾ بي‌شمار نديون ٿيون وهن ۽ جيڪو خزانن سان مالا مال آهي، سو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جي تند ڪٽجڻ واري آهي.


توڙي جو بابل کڻي آسمان تائين پهچي وڃي، ۽ پنهنجي اوچن قلعن کي مضبوط ڪري، تہ بہ آءٌ تباهي مچائيندڙ لشڪر مٿس چاڙهي آڻيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan