Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 45:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو. هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين. هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو، ۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 45:1
31 Iomraidhean Croise  

خداوند کيس چيو تہ ”پوئتي موٽ ۽ بيابان منجھان دمشق ڏانهن وڃ. جڏهن تون اتي پهچين تڏهن حزائيل کي مسح ڪري ارام ملڪ جو بادشاهہ مقرر ڪر.


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.


هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.


تنهن هوندي بہ آءٌ سدائين تو سان گڏ رهيس، تڏهن تو منهنجو ساڄو هٿ جھلي ورتو.


خداوند بابل تي حملو ڪندڙن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين ويران جبل جي چوٽيءَ تان جنگ جو جھنڊو بلند ڪريو. اوهين وڏي آواز سان حڪم جاري ڪريو، ۽ پنهنجو هٿ بلند ڪري اشارو ڏيو تہ جنگي جوڌا مغرورن جي شهر بابل جي دروازن تي حملو ڪري منجھس گھڙي وڃن.


اهي ئي منهنجا چونڊيل ماڻهو آهن، جن کي آءٌ خداوند حڪم ڏيان ٿو. هائو، مون پنهنجي انهن بهادرن کي سڏيو آهي، تان‌تہ هنن جي وسيلي پنهنجو غضب نازل ڪريان، اهي فخر سان للڪاري وڙهن ٿا.“


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندي چوان ٿو تہ ڊڄو نہ، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.“


اهو ڪير آهي جنهن اوڀر کان فاتح کي آندو، ۽ کيس هر قدم تي ڪاميابي عطا ڪئي؟ هائو، ڪنهن کيس بادشاهن ۽ قومن تي فتح بخشي آهي، جو سندس تلوار انهن کي دز وانگر، ۽ سندس تيرڪمان انهن کي هوا ۾ اڏامندڙ بُهہ وانگر ڪريو ڇڏي؟


مون خداوند اتر اوڀر واري ملڪ ۾ هڪڙو حڪمران چونڊيو آهي. هاڻي هو اچي رهيو آهي، مون اوڀر کان سندس نالو وٺي کيس سڏيو آهي. هو بادشاهن کي ائين گپ وانگر لتاڙيندو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي ڳوهيندو آهي.


”مون خداوند تو کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ طاقت عطا ڪئي اٿم، تہ جيئن تون ڌرتيءَ تي انصاف قائم ڪرين. تنهنجي وسيلي آءٌ قومن سان عهد ٻڌندس، ۽ تنهنجي وسيلي آءٌ قومن کي روشني عطا ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“


آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.


آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان، جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ پري کان کيس گھرايو اٿم. آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.


هاڻ آءٌ ئي آهيان جيڪو توهان جا سڀ ملڪ نبوڪدنضر جي حوالي ٿو ڪريان، بلڪ جھنگ جا سڀ جانور بہ آءٌ هن جي تابع ٿو ڪريان، جنهن کي مون انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو آهي.


پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر کي گھرائيندس، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي. آءٌ سندس تخت انهن پٿرن تي قائم ڪندس، جيڪي مون هتي هڻايا آهن. هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.


اتر مان انهيءَ ملڪ تي هڪڙي قوم ڪاهي ايندي، جيڪا انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيندي، ايتري قدر جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. ماڻهو توڙي جانور اتان ڀڄي ٻاهر نڪري ويندا.“


آءٌ خداوند اوهان بابلين خلاف هڪڙي اهڙي تلوار کڙي ڪندس، جنهن کان اوهين، اوهان جا امير توڙي ڏاها ماڻهو بہ بچي ڪين سگھندا.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون، ۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ مصر جو ملڪ هن کي ۽ سندس لشڪر کي صور جي عيوض طور ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ سندن صور تي حملو منهنجي مرضيءَ سان ئي هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


ٻيو جانور ڏٺم تہ رڇ جهڙو هو، جيڪو پوين پيرن ڀر جھڪي ڪر کنيو بيٺو هو. سندس وات ۾ ٽي پاسريون هيون. کيس چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ خوب گوشت کاءُ.“


اکيون کڻي ڏٺم تہ واهہ وٽ هڪڙو گھٽو بيٺو هو، جنهن کي ٻہ سڱ هئا. هونئن تہ سندس ٻئي سڱ ڊگھا هئا، پر پوءِ نڪتل سڱ ٻئي کان وڌيڪ ڊگھو ٿي ويو.


مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.


جڏهن دريائن جا بند ٽوڙيا ٿا وڃن، تڏهن محلاتن ۾ هيبت ۽ ڏهڪاءُ ٿو پکڙجي وڃي.


پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan