يسعياہ 44:9 - Muslim Sindhi Bible9 جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بيفائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا. Faic an caibideilSindhi Bible9 جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين. Faic an caibideil |
سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.