يسعياہ 44:8 - Muslim Sindhi Bible8 اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“ Faic an caibideilSindhi Bible8 اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي! Faic an caibideil |
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.
سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.