يسعياہ 44:3 - Muslim Sindhi Bible3 جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس. Faic an caibideilSindhi Bible3 ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس. Faic an caibideil |
انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.