Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 43:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 43:9
17 Iomraidhean Croise  

خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.


اچو، اي سموريون قومون! چوڌاري اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو. اچو اي سڀ امتون! ڪن ڏيو. هائو، سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر مخلوق هتي اچي ۽ ٻڌي.


خدا فرمائي ٿو تہ ”اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! ماٺ ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجو مقدمو عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي بہ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو. سو اچو تہ گڏجي عدالت ۾ هلون، ۽ ڏسون تہ ڪير ٿو سچو ثابت ٿئي.


مون سان گڏ عدالت ۾ هلو، ۽ هلي پنهنجا دليل پيش ڪريو. اوهين پنهنجو مقدمو بيان ڪريو، تہ جيئن ثابت ڪري سگھو تہ اوهين حق تي آهيو.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون گھڻو اڳي ئي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي. هائو، اهي مون ئي چيون هيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو، ۽ اهي پوريون ٿيون.


اي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون! اوهين جلدي اچو ۽ عدالت واري ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيو.“ اي خداوند! جڏهن اهي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿين، تڏهن هنن تي حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجي بهادرن کي موڪلي ڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan