يسعياہ 43:2 - Muslim Sindhi Bible2 جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو. Faic an caibideilSindhi Bible2 جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو. Faic an caibideil |
اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“