Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 42:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، منهنجيون اڳ ۾ ٻڌايل ڳالهيون هاڻي اچي پوريون ٿيون آهن. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٻڌائيندس، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ٿينديون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڏسو، اڳوڻيون ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، ۽ آءٌ نيون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان: اهي پوريون ٿين تنهن کان اڳ ۾ آءٌ اوهان کي انهن جي خبر ٿو ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 42:9
16 Iomraidhean Croise  

پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


فقط انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيو، جيڪي آءٌ هاڻي ڪرڻ وارو آهيان. اهي هاڻي عمل ۾ اينديون، اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان نہ ٿا ڏيو ڇا؟ ڏسو، آءٌ بيابان ۾ هڪ رستو جوڙيان ٿو، ۽ اتان ئي نديون وهايان ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون گھڻو اڳي ئي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي. هائو، اهي مون ئي چيون هيون، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو، ۽ اهي پوريون ٿيون.


انهيءَ سبب مون گھڻو اڳي ئي اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون هيون. هائو، انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ کان اڳي ئي مون اوهان تي اهي ظاهر ڪري ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ ’اهي ڪم اسان جي ديوتائن ڪيا آهن، اهي ڪم اسان جي اُڪريل ۽ پلٽيل مورتين جي حڪم سان ٿيا آهن.‘


مون جيڪي ڪجھہ چيو هو سو اوهان ٻڌو، ۽ اوهان اهو سڀ ٿيندي بہ ڏٺو آهي. ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ جو اقرار نہ ڪندا؟ هاڻي آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ٻڌايان ٿو. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙيون لڪل شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي اوهان کي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانہ هئي.


هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين ايمان آڻيو تہ آءٌ اهو ئي آهيان.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


خداوند بني اسرائيل سان اهي سڀ ئي چڱا واعدا پورا ڪيا جيڪي هن ساڻن ڪيا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan