Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 42:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 42:5
36 Iomraidhean Croise  

شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.


پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


هر ساهواري جو روح ۽ هر بني آدم جو ساهہ سندس ئي هٿ ۾ آهي.


تہ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهہ آهي، ۽ جيستائين خدا مون کي ساهہ کڻڻ جي توفيق ڏئي ٿو،


انهيءَ لاءِ جو خدا جي روح مون کي جوڙيو آهي، هائو، قادرِمطلق جي دم مون کي حياتي بخشي آهي.


نہ، بلڪ جيڪڏهن هو انسان کان رڳو کيس ڏنل ساهہ واپس وٺي، ۽ سندس دم ئي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي،


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن بحرن تي ڌرتيءَ کي پکيڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. هن جي امر سان آسمانن جي سڄي خلقت پيدا ٿي ويئي.


ٻين قومن جا سڀ معبود رڳو بي‌جان بت آهن، پر اهو خداوند ئي آهي جنهن آسمانن کي بڻايو آهي.


”اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


ڇا ڪو سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپي ٿو سگھي؟ يا آسمان کي پنهنجي گرانٺ سان ڪڇي ٿو سگھي؟ ڇا ڪو زمين جي مٽيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ ماپي ٿو سگھي؟ يا ڪو جبلن ۽ ٽڪرن کي تارازيءَ ۾ توري ٿو سگھي؟


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


اي انسانؤ! پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي ڏسو تہ انهن سڀني ستارن ۽ سيارن جو خالق ڪير آهي؟ رڳو اهو ئي آهي، جيڪو انهن کي هڪ لشڪر وانگر هلائي ٿو. اهو ئي انهن جو تعداد ڄاڻي ٿو، ۽ انهن مان هر هڪ کي سندس نالو وٺي سڏي ٿو. هن جي قدرت ايڏي تہ عظيم آهي، جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ گم نہ ٿو ٿئي!


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.


پر صدقياہ بادشاهہ ٻين کان لڪ ۾ مون سان هي قسم کنيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن اسان ۾ ساهہ وڌو آهي تہ نڪي آءٌ تو کي مارائيندس ۽ نہ وري آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪندس جيڪي تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.“


ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.


بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ


جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.


هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي خدمت ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو.


پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan