2 هو نڪي رڙيون ڪندو ۽ نہ وري هل مچائيندو، ۽ نہ ئي وري هن جو آواز بازارن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.
2 هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.
هو ڦٿل ڪاني کي بہ نہ ڀڃندو، نڪي اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو، بلڪ هو سڀني کي ديانتداريءَ سان فوري انصاف مهيا ڪندو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.
منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،
ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاهي ڪڏهن ايندي؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي.
خداوند جي ٻانهي لاءِ مناسب نہ آهي تہ هو جھيڙو ڪري. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق هجي ۽ بردبار هجي.
هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.