Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 41:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ٻيٽن ڏٺو ۽ اهي ڊنا؛ ۽ زمين جون سرحدون ڏڪي ويون: اهي ويجها آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 41:5
12 Iomraidhean Croise  

جيڪي قومون سمنڊ جي ڪناري ۽ ٻيٽن تي رهنديون هيون سي يافت جو اهو اولاد آهن جيڪي مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.


تنهنجي انهن معجزن کان ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪو ڊڄن ٿا، ۽ اوڀر کان وٺي اولهہ تائين هو خوشيون ملهائين ٿا.


اي خدا! تنهنجو درياءُ ٽمٽار آهي. تون زمين تي مِهر جي نظر ڪري ان کي ريج ڏين ٿو، ۽ انهيءَ کي سرسبز ڪرين ٿو. انهيءَ ريت زمين کي تيار ڪري، تون ماڻهن لاءِ اناج مهيا ڪرين ٿو.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


بيشڪ خدا ئي اسان کي برڪت ڏني آهي. شل سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو کيس تعظيم ڏين!


فرعون جي حشر بابت ٻڌي قومون خوف وچان ڏڪي ويون، فلستيءَ جي رهاڪن کي پڻ ڊپ جي عذابن آڻي وڪوڙيو.


خدا فرمائي ٿو تہ ”اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! ماٺ ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجو مقدمو عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي بہ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو. سو اچو تہ گڏجي عدالت ۾ هلون، ۽ ڏسون تہ ڪير ٿو سچو ثابت ٿئي.


اهي بتن جا پوڄاري هڪٻئي کي تسلي ٿا ڏين تہ ’همت نہ هاريو، ديوتا اسان کي فتح ڏياريندا.‘


پر هاڻي اهو شهر صور تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي، ۽ آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو انهيءَ جي تباهي ڏسي دهشت وچان پيا ڏڪن.


اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.


امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan