Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 41:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تون انهن کي وائريندين، ۽ واءُ انهن کي کڻي ويندو، ۽ واچوڙو انهن کي پکيڙي ڇڏيندو: ۽ تون خداوند جي ڪري خوشي ڪندين، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري وڏائي ڪندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 41:16
31 Iomraidhean Croise  

پر بڇڙن جي حالت اهڙي ناهي، اهي بُهہ وانگر آهن جنهن کي واءُ اُڏائي کنيو وڃي.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.


انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“


پر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن قادرِمطلق خداوند ئي پنهنجيءَ قوم جي باقي بچي ويلن لاءِ شاندار ۽ خوبصورت تاج هوندو.


تڏهن غريب ۽ مسڪين ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري وڌيڪ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


اهي اهڙن ٻوٽن مثل آهن، جيڪي ٿُڏن وانگر اڃا لڳايا ئي مس ويا، هائو، اهي اڃا پوکيا ئي مس ويا، ۽ هنن جي ٿُڙ اڃا زمين ۾ پاڙ ئي نہ هنئي تہ خدا جي ڦوڪ سان اهي سڪي سڙي ويا، ۽ واچوڙو انهن کي بُهہ وانگر اڏائي کڻي ويو.


آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آس‌پاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻ‌پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.


اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.


سو اي انسانؤ! اوهين خوش ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشيون ملهائيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ نئون يروشلم جيڪو آءٌ بڻايان ٿو، سو شادمانن سان ڀرپور هوندو، ۽ انهيءَ جا ماڻهو ٻين لاءِ بہ خوشين جو باعث بڻبا.


آءٌ هر شهر مان اوهان کي وائُري بُهہ وانگر واءُ ۾ اُڏائي ڇڏيندس. هائو، اوهين جيڪي منهنجي قوم آهيو، تن کي آءٌ بي‌اولاد ڪندس ۽ اوهان تي تباهي آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پاڻ کي ڪين سڌاريو آهي.


هائو، آءٌ بابل ڏانهن اهي ڌاريون قومون موڪليندس، جيڪي ان کي ائين اُڏائي ڇڏينديون، جيئن هوا ڪک ڪانا اڏائي ڇڏيندي آهي. جڏهن اها مصيبت مٿس ايندي، تڏهن اهي قومون کيس چئني طرفن کان وڪوڙي ڇڏينديون، ۽ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏينديون.


خداوند چوي ٿو تہ ”اي بابل! تون منهنجو هٿوڙو هئين، تنهنجي ذريعي مون قومن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هائو، تون جنگ جي لاءِ منهنجو هٿيار هئين، تنهنجي ذريعي مون بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيون.


بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن، هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِ‌زمين کي ڀري ڇڏيائين.


هاڻي آءٌ پنهنجي سخت غضب کي عمل ۾ ڪين آڻيندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر هرگز برباد نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انسان ناهيان، بلڪ خدا آهيان. آءٌ پاڪ خدا اوهان سان گڏ آهيان، ۽ اوهان تي قهر نازل نہ ڪندس.


اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس.


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس، آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


نہ رڳو ايترو پر پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين خدا تي فخر بہ ڪريون ٿا.


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan