Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 41:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خدا فرمائي ٿو تہ ”اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! ماٺ ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجو مقدمو عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي بہ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو. سو اچو تہ گڏجي عدالت ۾ هلون، ۽ ڏسون تہ ڪير ٿو سچو ثابت ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 41:1
22 Iomraidhean Croise  

هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌ، ۽ تو کان جيڪي پڇان تنهن جو جواب ڏي.


خدا حڪم ٿو فرمائي تہ ”جنگ بند ڪريو. ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان، جيڪو قومن ۾ سربلند ۽ سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ آهيان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


اچو، اي سموريون قومون! چوڌاري اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو. اچو اي سڀ امتون! ڪن ڏيو. هائو، سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر مخلوق هتي اچي ۽ ٻڌي.


مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.


ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا.


مون سان گڏ عدالت ۾ هلو، ۽ هلي پنهنجا دليل پيش ڪريو. اوهين پنهنجو مقدمو بيان ڪريو، تہ جيئن ثابت ڪري سگھو تہ اوهين حق تي آهيو.


سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘


هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو، ۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون، تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“ هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ


اي ٻيٽن جا رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو. اي پري جون قومون! ڪن ڏيو. جڏهن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ئي هئس، تہ خداوند مون کي چونڊيو. هائو، آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئس، تہ هن مون کي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي تصديق ڪندڙ منهنجي ويجھو آهي. سو ڪير مون سان مقابلو ڪندو؟ ڪنهن ۾ همت آهي جو منهنجي خلاف الزام هڻي؟ جيڪڏهن ڪو آهي تہ ڀلي عدالت ۾ مون سان گڏجي هلي. هائو، ڀلي هو سامهون اچي مون سان مقابلو ڪري.


پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي، سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي.


اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan