Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 40:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يروشلم جي رهاڪن کي دلاسو ڏيو. هنن منجھہ اعلان ڪريو تہ سندن غلاميءَ واري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿي ويا. هائو، مون خداوند سندن بدڪاري معاف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سندن سڀني گناهن جي کين ٻيڻي سزا ڏيئي چڪو آهيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 40:2
54 Iomraidhean Croise  

هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.


حزقياہ انهن سڀني لاوين جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جن خداوند جي عبادت ۾ مهارت سان اڳواڻي پئي ڪئي. سڀني ماڻهن عيد جا ست ئي ڏينهن پنهنجو پنهنجو مقرر حصو پئي کاڌو، سلامتيءَ جون قربانيون پئي پيش ڪيائون ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ پئي ڪيائون.


اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي خطا بخش ڪئي ويئي آهي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جو گناهہ معاف ڪيو ويو آهي.


تو انهن تان پنهنجي سخت غضب کي کڻي ورتو هو. تو کي مٿن جيڪا سخت ڪاوڙ هئي، سا تو انهن تان ٽاري ڇڏي هئي.


روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪوبہ ماڻهو وري بيمار ٿيڻ جي شڪايت نہ ڪندو. انهن جا سمورا گناهہ معاف ڪيا ويندا.


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.


اي يروشلم! تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي. تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي. سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.


جڏهن تہ هو اسان جي ئي گناهن جي ڪري زخمي ڪيو ويو، ۽ اسان جي ئي بڇڙاين جي ڪري چٿيو ويو. اسان جي سلامتيءَ لاءِ هن تي سزا آئي، ۽ هن جي ئي مار کائڻ سان اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿياسين.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


هن اهو آڻي منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”ڏس، هي تنهنجي چپن کي لڳو آهي. سو هاڻي تنهنجا قصور معاف ڪيا ويا آهن ۽ تنهنجي گناهن جو ڪفارو ڏنو ويو آهي.“


هاڻ اوهين پنهنجي ملڪ ۾ رهندا، ۽ اوهان کي مليل ٻيڻي سزا واري خواري ۽ بي‌عزتي هاڻ ختم ٿي ويندي، بلڪ اوهين ٻيڻي دولت جا مالڪ بڻبا، ۽ اوهان جون خوشيون هميشہ قائم رهنديون.


آءٌ يروشلم ۾ اوهان کي اهڙي تسلي ڏيندس، جهڙي ڪنهن ٻار کي پنهنجي ماءُ کان ملندي آهي.


ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بي‌جان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بي‌ڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.


اي پياري صيئون جا رهاڪؤ! اوهان جي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي. خداوند هاڻ جلد اوهان کي جلاوطنيءَ کان موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندو. پر اي ادوم جا رهاڪؤ! خداوند اوهان جا گناهہ کولي ظاهر ڪري اوهان کي انهن بدڪارين جي سزا ڏيندو.


تڏهن ئي منهنجو قهر تو تي ڍرو ٿيندو ۽ منهنجي غيرت ماٺي ٿيندي. ائين آءٌ ماٺ ڪندس ۽ تو تي وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪندس.


بيشڪ انهن ڏاهن اڳواڻن منجھان ڪي ماريا ويندا. پر ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو اهي ثابت قدم رهڻ وارا سڌريل ۽ پاڪ صاف ٿي ويندا، ايستائين جو ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ واريون ڳالهيون پوريون ٿين، جن جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“


هن چيو تہ ”اي دانيال! انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جو ڪتاب هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ پڄاڻيءَ جي وقت تائين انهيءَ تي مُهر لڳي ويئي آهي.


تو اسان جي خلاف ۽ اسان جي حاڪمن جي خلاف جيڪي بہ فرمايو هو، سو اسان تي هڪڙي وڏي آفت آڻڻ سان صحيح ثابت ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو سڄي جهان ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪين ٿيو آهي.


سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس، ۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.


پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي، ۽ اڳتي مون کي پنهنجو بعل نہ سڏيندي،


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


خداوند توهان تان سزائون هٽائي ڇڏيون آهن، هن اوهان جي دشمنن جو رخ ڦيري ڇڏيو آهي. خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ اوهان ساڻ آهي، وري ڪڏهن بہ اوهين مصيبت جو منهن نہ ڏسندا.


تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا.


پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس.


سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي جلاوطنؤ! اوهين، جيڪي مون تي آسرو ڪيو ويٺا آهيو، هاڻي پنهنجي قلعي واري شهر يروشلم ۾ موٽي اچو. هاڻي ئي ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ اوهان کي ٻيڻو اجورو عطا ڪندس.


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پيءُ پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan