Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 40:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ڇا ڪو سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپي ٿو سگھي؟ يا آسمان کي پنهنجي گرانٺ سان ڪڇي ٿو سگھي؟ ڇا ڪو زمين جي مٽيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ ماپي ٿو سگھي؟ يا ڪو جبلن ۽ ٽڪرن کي تارازيءَ ۾ توري ٿو سگھي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ڪنهن سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپيو آهي، ۽ آسمان کي گرانٺ سان ماپيو آهي، ۽ زمين جي مٽي ماڻ سان مئي آهي، ۽ ڪنهن جبلن کي ترازيءَ ۾، ۽ ٽڪرين کي ساهميءَ ۾ توريو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 40:12
12 Iomraidhean Croise  

شروعات ۾ خالق جڏهن هوا جو زور مقرر ٿي ڪيو، ۽ ڪڪرن لاءِ پاڻيءَ جو مقدار ٿي مقرر ڪيائين،


ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي، نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي، تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan