1 اسان جو خدا فرمائي ٿو تہ ”تسلي ڏيو، منهنجي قوم کي تسلي ڏيو.
1 اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.
۽ وڃي سڻڀا طعام کائو ۽ شربت پيئو. انهن ڏانهن بہ ڪجھہ ڏياري موڪليو جن وٽ ڪجھہ بہ تيار ڪرڻ لاءِ نہ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. سو غمگين نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوشي اوهان جي قوت آهي.“
تو انهن تان پنهنجي سخت غضب کي کڻي ورتو هو. تو کي مٿن جيڪا سخت ڪاوڙ هئي، سا تو انهن تان ٽاري ڇڏي هئي.
خداوند خدا جيڪا وراڻي ڏئي ٿو سا آءٌ ٻڌان ٿو. هو واعدو ٿو ڪري تہ پنهنجي قوم، پنهنجي چونڊيلن سان، سلامتيءَ واريون ڳالهيون ڪندو، شرط اهو آهي تہ اسين وري بيوقوفيءَ جو رستو نہ وٺون.
روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،
انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.
جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.
مون خداوند ئي سڀ کان پهريائين صيئون کي خوشخبري ڏني هئي. هائو، مون ئي يروشلم ڏانهن بشارت ڏيندڙ موڪليو هو تہ ’ڏسو، اوهان جا جلاوطن ٿيل موٽي وطن اچي رهيا آهن.‘
اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟
آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آسپاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻپٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.
اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.
اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي. هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.
هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي بچائيندو، ۽ سندن دشمنن کان انتقام وٺندو. هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ سڀني دلگيرن کي دلاسو ڏيان.
تڏهن ئي منهنجو قهر تو تي ڍرو ٿيندو ۽ منهنجي غيرت ماٺي ٿيندي. ائين آءٌ ماٺ ڪندس ۽ تو تي وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪندس.
تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا.
پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.
هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.
سو اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي همتائيندا ڪريو.