Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 4:3
33 Iomraidhean Croise  

تون زندگيءَ واري ڪتاب منجھان سندن نالا مِٽائي ڇڏ، ۽ سندن نالا سچارن جي نالن سان گڏ داخل ٿيڻ نہ ڏي.


سو جڏهن خداوند قومن کي پنهنجا ماڻهو ڪري شمار ڪندو، تڏهن هو لسٽ ۾ هر ڪنهن جي رهائش بابت هيئن لکندو تہ ”هي ماڻهو يروشلم جو آهي.“


اي يروشلم شهر! تون تڏهن بچي ويندين، جڏهن تو ۾ انصاف پيدا ٿيندو. هائو، جڏهن تو ۾ رهندڙ ماڻهو گناهن کان باز ايندا، تڏهن اهي پنهنجي سچائيءَ جي ڪري بچي ويندا.


پر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن قادرِمطلق خداوند ئي پنهنجيءَ قوم جي باقي بچي ويلن لاءِ شاندار ۽ خوبصورت تاج هوندو.


اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


اي يعقوب جو اولاد! هائو، اوهين باقي بچي ويل بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جي ڳالهہ ٻڌو. مون ئي شروع کان وٺي اوهان کي پئي سنڀاليو آهي، ائين ئي جيئن ڪنهن ٻار کي ڄمڻ کان وٺي پالي نپايو وڃي.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تان‌تہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بي‌حرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.


تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا.


تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي تابع ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا عرش عظيم تي اُڪريل آهن.“


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.


پر خدا کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سجدو نہ ڪيو آهي.“


ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي خدا پنهنجي فضل سان چونڊيو آهي.


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan